ٽريننگ ڪاليج فار وومين حيدرآباد

ٽريننگ ڪاليج فار وومين حيدرآباد: هن ڪاليج جو بنياد 31 مارچ 1883ع تي پيو . اهڙو ثبوت ’اخبار تعليم ‘ مان ملي ٿو . ان وقت جي ڪمشنر چئن عورتن کي ذهانت جا سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون ڏنيون ، انهن مان هڪ عورت استاد ڀاڳل بيبي هئي ، جيڪا هن ڪاليج ۾ ڪم ڪري رهي هئي . اها تقريب حيدرآباد جي ” هوم اسٽيڊ هال “ ۾ منعقد ڪئي وئي، 1920ع ۾ سنڌ حڪومت اهو فيصلو ڪيو ته مردن جي سکيا واري ڪاليج ۽ ان سان ڳنڍيل پي. سي اسڪول کي عورتن واري سکيا ڪاليج ڏانهن منتقل ڪري ان جي حوالي ڪيو وڃي. 1883ع ۾ ٽن سالن جي سکيا جو ڪورس متعارف ڪرايو ويو، جنهن کي 1923ع ۾ گهٽائي ٻن سالن جو بنايو ويو. 1936ع ۾ وري ساڳئي ڪورس کي ٽن سالن جو بنايو ويو ۽ ان ۾ آلجبرا، ڪيمسٽري ۽ نفسيات جا مضمون شامل ڪيا ويا. ورهاڱي کان پوءِ ٻه مضمون پڙهايا ويندا هئا. هڪ جي. وي (هڪ سال لاءِ) ۽ ٻيو ايس. وي (ٻن سالن لاءِ). 1962ع ۾ ٻن سالن وارو ڪورس هڪ سال جي ڪورس ۾ تبديل ڪيو ويو. 1993ع ۾ عارضي بنيادن تي هيٺيان نوان ڪورس متعارف ڪرايا ويا:
1. هڪ سال جو ڪورس. 2. سي. ايڊ هڪ سال جو ڪورس.
1978ع ۾ هن ڪاليج کي گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايڊيوڪيشن فار وومين جو درجو ڏنو ويو. هاءِ اسڪول جي پندرهن استادن جون جايون پڻ وڌائي انهن کي سترهين گريڊ ۾ ليڪچرر جو درجو ڏنو ويو. گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايڊيوڪيشن فار وومين جو درجو ملڻ کان پوءِ هن ڪاليج ۾ پي. ٽي. سي ۽ سي. ٽي جي نصاب کي سيمسٽر سسٽم ۾ متعارف ڪرايو ويو. شروع کان وٺي هينئر تائين هن ڪاليج جون ڪل 26 پرنسپال ٿي گذريون آهن. مس صغريٰ مختيار سومرو پنجويهين پرنسپال هئي، جيڪا سيپٽمبر 1996ع کان مارچ 1999ع تائين رهي، پوءِ مس ممتاز سومرو کي اپريل 1999ع کان آڪٽوبر 2000ع تائين انچارج پرنسپال مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ ڪاليج جي پرنسپال مس رضيه ميمڻ رهي، جنهن آڪٽوبر 2000ع کان وٺي هن اداري کي سنڀاليو.


لفظ ٽريننگ ڪاليج فار وومين حيدرآبادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو